باگو واهه

باگو واهه: باگو واهه، مير باگي خان ٽالپر ٻَڌايو هو. جڏهن مير باگي خان سنڌ حڪومت مان حصو پتي ڇڏي ڏنو هو، تڏهن سنڌ راڻيءَ کي ساڻ وٺي پنهنجن ماڻهن سان گڏ ٺريءَ آيو ۽ راڄن جي مدد سان هڪ شاهي واهه کوٽايائين، جنهن تي هزارين ايڪڙ زمين آباد ٿي. اڳتي هلي هي واهه سندس نالي سان ’باگو واهه‘ سڏجڻ لڳو. ڪيترا غريب ماڻهو لڏي اچي سندس ڪوٽ وٽ ويٺا ۽ اهو هڪ شاهي ڳوٺ بنجي ويو، جيڪو اڳتي هلي مير باگي جي نالي سان ”ٽنڊو باگو“ سڏجڻ لڳو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو